سنڌ اندر 1500 سو کان مٿي ماڻهن جو موت، گرمي سبب نه پر هن سرمائيداراڻي نظام، سماجي اڻبرابري، قومي ۽ صوبائي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي.

(پ-ر) (حيدرآباد
(28-06-2015)hyd7 hyd3 hyd2
ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ 1500 کان مٿي فوت ٿي ويلن سان يڪجهتي طور ۽ حڪومت جي مجرماڻي ڪارڪردگيءَ خلاف اڄ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪامريڊ بخشل ٿلهو جي اڳواڻيءَ ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ پورهيتن، شاگردن ۽ عورتن جو وڏو انگ شريڪ هئو جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا. احتجاج ۾ شامل ڪارڪنن حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. پريس ڪلب تي ريليءَ کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهي چيو ته پٺين ڏينهن کان جاري تباهي هن نظام، رياست ۽ حڪمرانن جي بي حسي ۽ انسان دشمنيءَ جو ننگو اظهار آهي. هن چيو ته گرميءَ ۽ فطري سببن کي اڳيان ڪري حڪمران پنهنجي نااهلي کي لڪائين ٿا جيڪي 67 سالن ۾ عوام کي روٽي. ڪپڙا، مڪان ته پري جي ڳالهه پر پيئن جو صاف پاڻي، گيس ۽ بجلي به نه ڏئي سگهيا آهن. سنڌ جي پي پي حڪومت وٽ فوج کي ته ڏيڻ لاءِ 9500 ايڪڙ زمين آهي پر پورهيتن کي دفنائڻ لاءِ ٻه گز زمين ڪونهي. عوام پنهنجي پاڻ کي پنهنجي ئي سياسي پليٽ فارم تي منظم ڪري ۽ نجي ملڪيت واري هن نظام کي ڀڃي ڀورا ڪري. احتجاجي ميڙ کي خطاب ڪندي سنڌ جي نائب صدر لطيف انقلابي چيو ته حڪمران ٻڌائين ته جي موت جو سبب گرمي پد آهي ته پوءِ ماڻهو وچ اوڀر جي گرم رياستن ۾ ڇو نه ٿا مرن.؟ ڇا ايڏو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن ڪي اليٽرڪ خانگاهيل نه هجي ها، پورهيت علائقن ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ نه هجي ها، جي ماڻهن کي هوادار رهائش نصيب هجي ها جنهن ۾ بهتر نيڪاسي نظام ۽ صاف پاڻي تائين رسد هجي ها، جيڪڏهن متاثر ماڻهن جي جلد طبي مدد ڪجي ها. پر افسوس ته طبي مدد ته پري جي ڳالهه پر کربين رپين جي بجيٽ پيش ڪندڙ حڪمرانن وٽ سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي جاءِ ڪونهي. آخر ۾ريليءَ کي ناري جمهوري محاذ جي اڳواڻ عاليه بخشل ۽ اين ايس ايف اڳواڻ سرمد آزاد پڻ خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته
1. سمورن فوت ٿي ويلن جي خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي
2. سمورن عوامي ادارن کي خانگائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ڪي-اليڪٽرڪ کي قوميائي ڪري، سموري سنڌ مان لوڊ شيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي
3. سنڌ ۾فوج کي ساڍا نو هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد